روهڙيءَ جي عيدگاهه

روهڙيءَ جي عيدگاهه (ماڳ): هيءَ عيدگاهه مغل دؤر جو اڏاوتي يادگار آهي. روهڙي شهر جي اولهه ڏکڻ ۾ هڪ ٽڪري تي قائم هيءَ عيدگاهه ٻن ايڪڙن تي محيط آهي. عيدگاهه کي چئني طرفن کان احاطو ڏنل آهي. عيدگاهه جي ديوار ٽن طرفن کان اُرهه جيتري ۽ اولهه طرف واري پاسي کان ڪجهه وڏي آهي. ديوار جي وچ ۽ ٻنهي ڪنڊن تي ننڍا ننڍا گنبذ ٺهيل آهن. وچين گنبذ ۾ محراب نصب آهي. ان محراب جي ٻاهرين طرف کان ديوار ۾ هڪ سفيد پٿر لڳل آهي، جيڪو مير معصوم بکريءَ جو ڪتبو آهي. سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ جي مصنفن هن ماڳ جو دؤر 1004هه ڄاڻايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو